اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم آفيس پهچي ذميداريون باضابطه انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون، وزيراعظم شهباز شريف مقرر آفيس وقت شروع ٿيڻ کان اڳ ئي صبح 8 وڳ?? آفيس پهچي ويو، جڏهن ته رمضان المبارڪ ۾ سرڪاري وقت موجب آفيسون صبح 10 وڳ?? کلنديون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم شهباز شريف هفتي ۾ ٻن ڏينهن بدران هڪ ڏينهن موڪل جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ??فيسن جي وقت ۾ تبديلي ڪندي آفيسون 10 وڳ?? بدران 8 وڳ?? کولڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي آفيس سنڀاليندي ئ?? عوام کي رليف جي فراهمي جي انهن جي اعلانن تي عملدرآمد جو آغاز شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪيا، هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي اگهن تي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، هن رمضان بازارن جي سخت مانيٽرنگ يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته عوام کي سستي شين جي فراهمي ۾ غفلت برداشت نه ڪئي ويندي، هن پينشرن جي پينشن ۾ اضافي، گهٽ کان گهٽ پگهار 25 هزار ڪرڻ جي اعلانن تي فوري ??ور عملدرآمد جو حڪم به جاري ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف سان وزيراعظم آفيس جي آفيسرن ۽ عملي ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم انهن کي هدايت ڪئي ته هو هوشيار ٿي وڃن اسان عوام جي خدمت لاءِ آيا آهيون، هڪ لمحو به ضايع ڪرڻ کانسواءِ عوام جي خدمت ڪن??اس??ن، هن چيو ته ايمانداري، شفافيت، اڻٿڪ محنت اسان جا رهنما اصول آهن.