فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آچر 14 آگسٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي مناسبت سان فيصل آباد ڊويزن جي سڀني وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ جڳهه جڳهه تي قومي ??ھن??ا، ??ھن??يُون، اسٽيڪر، بيجز، ٽوپيون، ٽي شرٽس ۽ اهڙي طرح جو ٻيو سامان ا??ٽالن تي اچڻ شروع ٿي ويو آهي. جتي وڏي تعداد ۾ آزادي جي ڏهاڙي بابت انتهائي خوبصورت، دلڪش ۽ سجاوٽ جو سامان وڪري جي لاءِ رکيو ويو آهي. جنهن ۾ ٻار، پوڙها ۽ جوان ڀر??ور دلچسپي وٺي رهيا آهن. ٻئي طرف سڀني اهم سياسي پارٽين به آزادي جي ڏهاڙي جون تقريبون پروقار طريقي سان ملهائڻ جو علان ڪيو آهي. سياسي پارٽين جي اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي فضول خرچي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ پنه??جي رقم غريبن کي عطيو ڪري بي سهارن، يتيمن، مسڪينن، بيواهن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. ته جيئن هو به آزادي جي ڏهاڙي جي خوشين ۾ پنهنجو حصو وجهي سگهن.