اسلام آباد– 30 – آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جمه??ري?? ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان پنهنجي واعدي موجب پاڪستان جي ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ انساني امداد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ٻوڏ مت??ثرين جي لاءِ انساني امداد جي مهم جي قيادت ڪري رهيو آهي، ا?? جي قيادت ۾ ترڪيه وڏي پئماني تي امدادي سرگرميون شروع ڪيون آهن. هيستائين 6 اڏامون امداد کڻي پاڪستان پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته سڀاڻي وڌيڪ 2 اڏامون پهچنديون، ا?? کانسواءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرين به انقره مان پاڪستان جي لاءِ رواني ٿي وئي آهي.