گڏيل قومون -07 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو ??هي، ته هو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران عالمي برادري کي پاڪستان لاءِ ??ڏي پئماني تي امداد جي اپيل ڪندو. چين جي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ??ه پاڪستان جو ٽيون حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو ??هي ۽ هو پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عالمي برادري کان ??ڏي پئماني تي مدد جي اپيل لاءِ پاڪستان وڃي رهيو ??هي ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان کي عالمي برادري طرفان ڀرپور امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه هوءَ عالمي برادري کي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪري رهيو ??هي. هن چيو ??ه هن وقت يوڪرين جنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کي اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ??ه پاڪستان چاڊ، آفريقه جيڪي سوڪهڙي جو سبب بڻجي رهيا آهن اتي هن وقت سڀ کان وڏو خطرو جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي اهي موسمياتي تبديلين جا اثر آهن. هن چيو ??ه جيڪا صورتحال اڄ پاڪستان کي درپيش آهي سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ سان به پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ??ه موسمياتي تبديليون هن دور جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهن ۽ان کي عام مسئلو سمجهي، عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ ??ود??شي هوندي.