اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چيو آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي ج?? بح??لي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دو??ي جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪ?? تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي از??لي لاءِ قدم ضروري آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻوڏ بعد متاثرن ج?? بحالي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي طور تي 12 ارب ڊالرن جي م??لي معاونت جو انتظام ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسميات?? تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.