اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل عر?? امارات سان ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عر?? امارات سان اقتصادي سفا??تڪ??ري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ان جي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عر?? امارات ۾ پاڪستان جي نامزد سفير فيصل نياز ترمذي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گڏيل عر?? امارات ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن پاڪستان کي ??نهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف علوي پاڪستان ۾ بوڏ سٽيلن جي امداد تي گڏيل عر?? امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏيل عر?? امارات مان 57 امدادي اڏامون ۽ 2 سامونڊي جهاز امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏيل عر?? امارات پاران پاڪستان جي حمايت سان گڏوگڏ پاڪستان جي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي ??ڌائڻ جي لاءِ 2 بلين ڊالر ??را??م ڪرڻ جي قدم کي ??ڻ ساراهيو. گڏيل عر?? امارات پاران پاڪستان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سالن ۾ ان سيڙپڪاري کي ??ڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪستان جي آن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سان ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان جي مهارتن جي فروغ جي لاءِ اعليٰ ڪورسز پڻ شروع ڪيا وڃن جنهن سان انهن جي آمدني کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي تربيتي پروگرام تي روشني وڌي. صدر نامزد سفير کي ??ندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سان اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي زندگين کي خطري بابت گڏيل عر?? امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.