اسلام آباد – 06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلط??ن علي الانا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حبيب بئنڪ جي چيئرمين سلط??ن علي الانا وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي صورتحال جي ڏس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت پاران ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو معاشي پئڪيج ڏيڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. سلط??ن علي الانا احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام انتهائي ??فافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام کي مستحقين تائين پهچائڻ ۾ حبيب بئنڪ جي خدمتن ۽ معاونت کي ساراهيو. سامونڊي معاملن واري وزير وزارت جي معاملن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان دوران بندرگاهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن جي حوالي سان مختلف قدمن تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني.