ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي هفتن کان بجلي ??ي بندش جي جاري مسئلي ??ي خاتمي لاءِ سوئي سدرن گئس پائيپ لائين لميٽيڊ ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي وچ ۾ تڪرار حل ٿي ويو آهي، اميد آهي ته بجلي ??ي بحران سبب پاڻي جي کوٽ جو مسئلو پڻ حل ٿي ويندو ۽ سوئي سدرن ڪي اليڪٽرڪ جي ض??ور??ن کي پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها ڳالهه گورنر هائوس ۾ توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چئي. وزي??اع??م چيو ته ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا ايس ايس جي پي اي?? ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي وچ ۾ رهتن جي مسئلي ??ي جلد حل جي معاملي ??و جائزو وٺندي.