ٽوڪيو – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آزاداڻي سيڙپڪاري پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ سيڙپڪاري جو سازگار ماحول ۽ بهترين موقعا فراهم ڪري ٿو، جاپاني ڪمپنيون پاڪستان ۾ معيشت جي مختلف شعبن ۾ دستياب منافع بخش موقعن مان فائدو کڻن. هو ٽ??ڪيو ۾ جاپان پاڪستان بزنس ڪميونٽي طرفان ڏنل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان موقعي تي پاڪستان بزنس ڪوآپريشن ڪميٽي جي وفد ۾ ميرو بيني ڪارپوريشن، ٽويوٽا موٽرز، سوزوڪ?? موٽرز، متسوبشي، سومي ٽومو، يونيورسا آئي ميٽلز ۽ مٽسوئي سم??ت مشهور جاپاني بزنس ڪارپوريشنز ??ا نمائندا به موجود هئا.