اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ توسيع بابت ڪيس جي تفصيلي في??لي تي نظرثاني واري درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اپيل ۾ اعلي عدليه جي في??لي ۾ موجود قانوني جهولن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، نظرثا??ي اپيل کانپوءِ به پارليامينٽ وارو آپشن موجود آهي، اي اين اي?? راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي في??لي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي اپيل داخل ڪندي، ميڊيا ۾ ملزم جو نه اي اين ايف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي، اي اين ايف اهم قومي ادارو آهي ان کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي، جلالپور ڪينال جي تڪميل سان علائقي ۾ خوشحالي جي ن??ين لهر ايندي. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هُئي.