اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمن جو بل قومي اسيمبلي مان منظ??ر ٿيڻ تي سمورين سياسي پارٽين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪي تحفظ سان ڳنڍيل اهم قانونسازي تي سياسي پارٽين اتفاق ۽ بردباري جو مظاهرو ڪيو، اڄ ثابت ٿي ويو ته جڏهن به ملڪ تي مشڪل وقت آيو سموريون ??ياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون ??هن، سياسي معاملن ??ي اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي، جڏهن به ملڪ جي قومي سلامتي ۽ مفادن جي ڳالهه ايندي آهي ته سڀ سياسي پارٽيون متحد ٿي وينديون ??هن، پيپلزپارٽي خاص داد جي حقدار آهي جنهن قومي مفاد ۾ پنهنجون ??جويزون واپس ورتيون، مخالف ٻڌي وٺن، ملڪي مفاد جي معاملي ۾ سموريون ??ياسي پارٽيون متحد آهن، پارليامينٽ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندي رهندي، پاڪستان جي مخالفن جي پروپگنڊا کي پارليامينٽ دفن ڪري ڇڏيو، پارليامينٽ انهن جي ارمانن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.