اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت کي رياست جو مفاد سياست سان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ عزيز آهي، قومي بياني جون ڪوڙيون خبرون رياست جي مفاد کي نقصان پهچائينديون آهن ۽ معاشري جي تباهي جو سبب بڻجنديون آهن، موجوده دور ميڊيا جو آهي، ج??گيون ميڊيا جي محاذ تي وڙهيون پيو?? وڃن، سچ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هو معاشرتي سڌارن ۾ عالم?? جي ڪردار بابت تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.