اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پرابوو سوبيانتو کي ??نڊونيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. ڪالهه س??مر ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ گڏيل قدرن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته هو مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون ۾ اضافي ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي ??گهه ڏيڻ جي لاءِ صدر سوبيانتو سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.