آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ بيلاروس گذريل ڏهاڪن دوران ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي ۽ واڌ کي سا??اه??ندي گڏيل لاڀائتي تعاون، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي وچ ۾ ايس سي او سر????اه?? اجلاس جي موقعي تي ٿيل ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت فوجي سهڪار ۽ علائقائي معاملن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيرا??ظم شهباز شريف بيلاروس جي صدر لوڪا شينڪو کي ايس سي او جي ميمبرشپ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ان سان ايس سي او کي وڌيڪ مضبوطي ملندي. هن برآمداتي ترقي، عوام جي معاشي طور تي مضبوطي ۽ دوست ??لڪ?? کي سيڙپڪاري طرف راغب ڪرڻ وسيلي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي ترقي اتي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جڏهن ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) تحت ڪم جي مختلف رخن تي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. جڏهن ته وزيرا??ظم هڪ پرامن ۽ مستحڪم خطي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ خواهشن کان آگاهه ڪيو.