اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پ??رل??امينٽ پاڪستان جي اصل چهري کي اجاگر ڪيو آهي، ملڪ جي مفاد ۾ سمورين سياسي پارٽين قومي مفاد کي اهميت ڏني، پ??رل??امينٽ ۽ ميڊيا مبارڪباد جا مسحق آهن، اڄ جمهوري عمل مڪمل ٿيو آهي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل پ??رل??امينٽ آهي، قانونسازي جو عمل اتفاق راءِ سان مڪمل ٿيو آهي، سمورين سياسي پارٽين يڪجهتي جو مظاهرو ڪري قانون کي منظور ڪيو، دفاع ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن ميمبرن کي وقت تي اطلاع ڏنو. پ??رل??امينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.