اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي رليف جي فراهمي موجوده حڪومت جي واحد ترجيح آهي، مشڪل معاشي حالتن جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ رلي?? فراهم ڪيو وڃي، سموريون لاڳاپيل و??ار??ون ٻن ڏينهن اندر عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ پيش ڪن، ڀاڻ جي قيمتن ۾ 400 روپين تائين لاٿ آڻڻ لاءِ قدمن ۽ بي آءِ ايس پي تحت ماهوار وظيفي ۾ اضافي جي تجويز کي جلد حتمي ??ڪل ڏني وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول ۽ عام ماڻهو کي رليف پهچائڻ جي قدمن جي حوالي سان اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.