اسلام آب??د ?? 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي جي کوٽ ماضي جي حڪمرانن جي نااهلي جو واضح ثب??ت آهي، ملڪي ضرورتن ۽ واڌويجهه جي شرح کي نظر ۾ رکندي ٺوس منصوبابندي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ سمورن لاڳاپيل کاتن جي گڏيل حصيداري کي فوقيت ڏني وڃي ??ه جيئن پهچ ۽ متفرق خرچن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻي عوام کي ممڪن رليف ڏئي سگهجي. هن اها هدايت پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي تعين ۾ اثرانداز ٿيندڙ عمل، موجوده طريقيڪار ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي تحت قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي.