اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪ??ر ڊاڪٽر ظفر م??زا جي صدارت هيٺ پمز اسپتال ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز ۽ اين ڊي ??يم اي جا نمائندا به شامل هئا. ان موقعي تي ڪورونا وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ موجوده صورتحال ۽ ت??ارين جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر ظفر م??زا چيو ته سيفٽي هيلٿ ورڪرز حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان سلسلي ۾ سڀ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون.