اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا حقيقت آهي ان جي باوجود مخالف ڌر ??ارٽين پاران غير ذميداراڻا بيان ڏنا پيا وڃن، مخالف ڌر ??ارٽيون پنهنجي قومي ذميدارين کان پاڻ کي آجو سمجهن ٿيون، ڪورونا وبا جي ٻي لهر پوري دنيا ۾ تباهي پکيڙي رهي آهي، مخالف ڌر ??ارٽين کي عوام کي ڪورونا وائرس کان محفوظ رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته لڳي ٿو ته مخالف ڌر طئي ڪري ورتو آهي ته ڪنهن به طرح ملڪ کي نقصان پهچائڻو آهي، ڪورونا سان عوام جو ته نقصان ٿيندو ئي ان سان معيشت تي به اثر پوندو، هن چيو ته اها ئي مخالف ڌر ??ئي جيڪو چوندي هئي ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪريو ۽ اڄ اها ئي مخالف ڌر چئي رهي آهي ته پابندي نه لڳايو، پشاور ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جو جلسو نه ٿيندو ته ڪهڙو نقصان ٿي ويندو.