اسلام آباد – 02 – ڊ??مب?? (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ويليو ايڊيڊ روانگي واپار جي فروغ لاءِ سوتي ??اڳي تي 30 جون 2021ع تائين 5 سيڪڙو درآمدي ريگيوليٽري ڊيوٽي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ اين ايڇ اي جي ريوينيو ۾ اضافي جي لاءِ روڊ ميپ جي تياري جي ڏس ۾ منصوبابندي واري وزير اسد عمر جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي قا??م ڪئي وئي آهي. اي سي سي لاجسٽڪ ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته کنڊ ۽ ڪڻڪ آڻيندڙ جهازن جي برٿنگ کي ترجيح ڏني وڃي جڏهن ته ان ڳالهه جو به خيال رکيو وڃي ته ان سان ٻيو درآمدي مال متاثر نه ٿئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر ??بدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن ۾ ٿيو.