اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستاني جي ب??ني ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رحه جو 144 هون جنم ڏي??هن اڄ 25 ڊسمبر جمعي ڏي??هن سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان موقعي تي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن پاران پروقار تقريبون، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرن، مباحثن جو انعقاد ڪيو ويندو، ڏي??هن جي مناسبت سان وفاقي ۽ صوبائي گ??دي وارن شهرن ۾ توپن جي سلامي ڏني ويندي ۽ ڪراچي ۾ مزار قائد تي گ??رڊز جي تبديلي جي تقريب به منعقد ٿيندي.