اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آڊيٽر جنرل آف پاڪستا?? کي هدايت ڪئي آهي ته آڊٽ آٽوميشن جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪري ته جئين اداري ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي، آڊيٽر جنرل اداري جي اندر موجود خرابي?? کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني ۾ روڊ م??پ تيار ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آڊيٽر جنرل جاويد جهانگير صدر کي اي جي پي آفيس جي ڪارڪردگي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مدد سان اداري جي صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي قدمن تي بريفنگ ڏني.