اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته بهترين ۽ جديد طبي سهولتن تائين پهچ ملڪ جي موجود هر فرد ج?? بنيادي حق آهي، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران جاري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ضروري آهي، صحت جي عالمي ڏينهن جي مو??عي تي پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن چيو ته حڪومت پاران عوام کي صحت جون بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پارليامينٽ جي م??مب??ن کي پنهنجي پنهنجي تڪ ۾ ويڪسينيشن جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آه??، عوام کي بنيادي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ موجوده ??ڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هنن چيو ته موجوده ??ڪومت ملڪ ۾ نئين اسپتالن جي قيام ۽ موجوده ??سپتالن جي اپگريڊيشن لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، صحت انصاف ڪارڊ جي بنا فرق جي فراهمي موجوده ??ڪومت جو سڀ کان وڏو اهم ڪارنامو آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر کي پاڻ ۾ اختلاف وساري صحت جي شعبي بابت مسئلن جي حل لاءِ جامع پاليسي جوڙڻ جي ضرورت آهي.