مري – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت پاڪستان جو مستقبل آهي، صحت ۽ تعليم عوام جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي، مري وانگر ٻين علائقن ۾ سياحتي مقام بنائينداسين، سياحت جي فروغ سان روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي سان وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ??ري سگهون ٿا، سياحت جي آمدني مان اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، مديني ج?? رياست جا اصول اختيار ڪرڻ سان غير مسلم به اڳتي ن??ري ويا. هو مري ۾ ڪوهسار يونيورسٽي جي ا??تتاح جي موقعي تي خطاب ??ري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عباسي به خطاب ڪيو. وزيراعظم چي?? ته صداقت عباسي ج?? تقرير مان ان جي جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ سندس جذبن جي سمجهه اچي ٿي ته جڏهن پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا هجن، وڏي وزير کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چي?? ته ماضي ۾ حڪمرانن پنجاب هائوس جي مرمت ۽ رنگ روغن تي 83 ارب روپيا خرچ ڪيا، اهو هڪ خاندان جي لاءِ هو، هاڻي ا??و عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چي?? ته اي??ري وڏي آبادي تي مشتمل علائقو آهي جتي ڪا به اسپتال نه آهي، صرف نٿياگلي ۾ هڪ اسپتال آهي، جيڪا هتي ج?? آبادي ۽ سياحن جي ضرورت پورري نٿي ??ري سگهي، هن چي?? ته هاڻي هتي 380 ڪينال تي ج??رل اسپتال ٺهندي، ان سوچ تي پنجاب حڪومت ۽ صداقت عباسي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چي?? ته عوام جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آهي ته انهن جي صحت ۽ تعليم جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن تعليم وڌيڪ ۽ هنرمند ماڻهو وڌيڪ هجن ته وڌيڪ آمدني ٿيندي، اها انفارميشن ٽيڪنالاجي ج?? دور آهي، نوجوان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن جو ڪورس ??ري بهتر ڪمائي ??ري سگهن ٿا، وزيراعظم چي?? ته ڪوهسار يونيورسٽي سياحت جو مستقبل آهي، ان سان سياحت کي فروغ ملندو، جيڪا قوم اڳتي ج?? سوچيندي آهي ا??ا عظيم قوم بڻجندي آهي، مڪه ۾ قيدين کي قيد کان آزادي 10 مسلمانن کي تعليم ڏيڻ سان مشروط ڪئي وئي ا?? سان تعليم جي ا??ميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وزيراعظم چي?? ته تعليم کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ??ري سگهي، مون پورو پاڪستان ڏٺو آهي، دنيا ڏٺي آهي ج??ڪي نعمتون الله پاڪ پاڪستان کي ڏنيون آهن انهن جو جيترو ٿورو ادا ڪيون اهو گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان صرف سياحت تي ڌيان ڏيون ته اي??ري آمدني ٿي سگهي ٿي ته اسان پنهنجا قرض لاهي سگهون ٿا، اسان پنهنجو روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وڌيڪ ڪمائي سگهون ٿا.