اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ڏکڻ آ??ري??ا جي وچ ۾ دفاعي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ڏکڻ آ??ري??ا سان واپاري، سيڙپڪاري ۽ دفاعي لا??اپ?? کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آ??ري??ا جي چيف آف نيشنل ڊفينس ف??رس?? جنرل رڊزيني مفوانايا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آ??ري??ا جي وچ دفاعي ميدان ۾ بهترين لاڳاپا آهن جنهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. پاڪستان پنهنجي ”لڪُ ا??ري??ا“ پاليسي تحت ڏکڻ آ??ري??ا سان لا??اپ?? کي وڏي اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ فوجي ۽ سياسي سطح تي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي. صدر ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ان جي ڪاميابي جي باري ۾ آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي ف??رس?? پاران انساني حقن جي پائمالين تي به روشني وڌي. هن چيوته ڀارت بي گناهه ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري انهن جي نسل ڪشي ۽ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ لاءِ ??ير ڪشميرين کي ڊوميسائيل جاري ڪرڻ جهڙا قدم کڻي رهيو آهي، عالمي برادري ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ لاءِ ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي. ان موقعي تي ڏکڻ آ??ري??ا جي چيف آف نيشنل ڊفينس ف??رس?? چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آ??ري??ا جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ بهتر لا??اپ?? کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڏکڻ آ??ري??ا جي چيف آف نيشنل ڊفينس ف??رس?? جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لا??اپ?? کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.