اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ايم بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪ?? هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چي?? ته پ??ڪس??ان پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چي?? ته پ??ڪس??ان خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي و?? ۾ ??لاقات ۾ افغانستا?? ۾ ??يدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چي?? ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پ??ڪس??ان جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.