اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته وزيراعظم ع??ران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطا ڪري پاڪستان ۾ نيوزي لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائي، اسان جُون انٽيلي جن?? ايجنسيون دنيا جي بهترين انٽيليجنس ??سٽمز ۾ شامل آهن، ان جي راءِ ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم کي ڪو به خطرو نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ??ه هاڻي ڪجهه دير اڳ وزيراعظم ع??ران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم کي فول پروف سيڪيورٽي ميسر آهي ۽ پي سي بي موجب پاڻ نيوزي لينڊ جي سيڪيورٽي پاڪستان جي سيڪيورٽي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ??هي. هن چيو ??ه اسان جون انٽيليجنس ??يجنسيون دنيا جي بهترين انٽيليجنس ??سٽم ۾ شامل آهن ۽ انهن جي راءِ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ڪنهن قسم جو خطرو نه آهي تنهن هوندي به نيوزيلينڊ جي وزيراعظم بي حد احتياط جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي دورو ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.