اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان مسلم ليگ (ن) لاهور جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پرويز ملڪ جي لاڏاڻي جو ٻڌي انتهائي ڏک ٿيو، مرحوم انتهائي نفيس، ملڻو جلڻو ۽ محبت ڪندڙ شخص هو، هن دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائ?? ۽ ??وئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.