اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چي?? ??هي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چي?? ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪئي آهي. هن چي?? ته وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پيتي جي شين جي پيداوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چي?? ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پرائيم منسٽر ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکي?? آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کني?? آهن ته جيئن مختلف ضروري شين جي پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪمند، چانور، مڪئي، مڱيرا ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪمند جي پيداوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن ??هي جيڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چانورن جي پيداوار جو ڳاڻ??ٽو 8.84 ملين ٽن ??هي جيڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مڪئي جي پيداوار جو ڳاڻ??ٽو 9 ملين ٽن، مڱيرا 268 هزار ٽن آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بصر جي پيداوار هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي ??هي ته جيئن قيمتون مستحڪم رهن.