اسلام آباد ??? 17 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قانونن جي منظو??ي وزيراعظم عم??ان خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي، ٻنهي ايوانن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اڄ اهم بل پاس ٿي ويندا، مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊيل ميمبرن وزيراعظم عم??ان خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، انهن سمورن ميمبرن جا ٿورا مڃان ٿو جيڪي پنهنجون مصروفيتون ڇڏي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. هن چي?? ته ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي اڪثريت هتي موجود آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اهم بل پاس ٿي ويندا، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ٻه قانون انتهائي اهميت رکندڙ آهن، انهن قاننن جي منظو??ي وزيراعظم عم??ان خان جي ڪمٽمينٽ رهي آهي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چي?? ته تحريڪ انصاف واحد پارٽي آهي جيڪا اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ چاهي ٿي، پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم انهن اتحادين، سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جا ٿورا مڃيا جيڪي اسان بيماري ۽ مجبوري جي باوجود آيا. پارلياماني پارٽي وزيراعظم تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اهو اعتماد پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پڻ ظاهر ٿيندو. هن چي?? ته مخالف ڌر ڪمزور پهلوانن تي ٻڌل آهي، شڪست جو شڪار ٿي چڪي آهي، اڄ جي قانونسازي کانپوءِ مخالف ڌر جي اندر وکرڻ جو عمل تيز ٿي ويندو.