لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? عمران خان هدايت ڪئي آهي ته عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيو ويندو آهي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظ?? عمران خان جي صدارت هيٺ پنجاب ۾ ترقياتي بجيٽ تي بريفن?? اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل، اطلاعات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ناڻي واري صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان بخت وزيراعظم کي بريف ڪيو ته پنجاب جو تازو ترقياتي بجيٽ تاريخي طور تي سڀ کان وڏو 740 ارب روپيا مختص ڪيو ويو آهي، وزيراعظ?? عمران خان کي پناب ۾ مواصلات جي ذريعن، تعليم رستن جي تعمير ۽ صحت جي شعبي ۾ جاري ترقياتي پروجيڪٽس جي تڪميل ??ي گهربل بجيٽ تي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيئرمين عبدالله سنبل بريفنگ ڏني. وزيراعظ?? عمران خان عوامي ڀلائي جي سمورن منصوبن تي گهربل بجيٽ کي ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن انهن منصوبن کي وقت سر ۽ بهترين طريقي سان مڪمل ڪري موثر عوامي خدمت کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظ?? عمران خان عوامي ڀلائي جي ترقياتي منصوبن بابت عوامي آگاهي جي مهم کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.