اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته عوام مريءَ ۽ ٻين اترين علائقن جي سير جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇ??ي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مريءَ ۽ بين اترين علائقن جي لاءِ عوام جو هڪ وڏو هجوم روان دوان آهي، لکين گاڏيون انهن علائقن طرف وڃي رهيون آ??ن، مقامي انتظاميا جي لاءِ ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن کي سهولتون پهچائ?? ناممڪن بڻجي ويو آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو اڃا گهرن ۾ آهن انهن کي د??خواست آهي ته اترين علائقن جي سير جو پلان ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇ??ين.