اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري حل ٿيڻ گهرجي، اسان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون، پوري پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي دلين ۾ ڪشمير وسي ٿو، پاڪستان هر فورم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري ۾ به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ج?? ا??تمام هيٺ يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان ڊجيٽل تصويري نمائش جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. يوم يڪجهتي ڪشمير تي شا??دار نمائش ج?? ا??عقاد تي ڊيمپ جو ٿورو ادا ڪريان ٿو. فرخ حبيب چيو ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت کي شاگردن پينٽنگز جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي، ڪشميري مائرن، ڀينرن جي تڪليفن کي اسان محسوس ڪريون ٿا، انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان سدائين آواز بلند ڪندو ??هيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي هندوستاني قدم کانپوءِ 90 لک ڪشميري قيد آهن، نه ميڊيا آزاد آهي نه سوشل ميڊيا هلي رهي آهي، مودي جي آر ايس ايس سوچ جو عملي مظاهرو ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جي صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو، هن چيو ته برهان واني جهڙن جوانن کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو سچو وڪيل ۽ دلير سفير جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڪشمير مسئلي کي هر عالمي فورم تي موثر انداز ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خ??ن پاران هندستاني ظلمن کي اجاگر ??رڻ تي هاڻي مغربي ميڊيا به ان مسئلي تي ڳالهه ??رڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته دنيا کي به پنهنجون اکيون ۽ ڪن کليا رکڻ گهرجن، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب فوري حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان ڪشمير سان گڏ بيٺل آهيون، وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري ۾ به ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٿيندي. تقريب ۾ اطلاعات ۽ نشريات وار?? ا??ڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير ۽ ٻين عملدارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مملڪتي وزير فرخ حبيب نمائش ۾ رکيل تصويرن جو به مشاهدو ڪيو، شرڪت ڪندڙن کي ڪشمير ڪهاڻي جي عنوان سان هندستان جي ظلم ۽ بربريت تي ٺاهيل دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي، مملڪتي وزير فرخ حبيب شاگرن جي وچ ۾ پيٽنگز مقابلن ۾ نماي??ن پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ انعام به ورهايا ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز هر سال يوم يڪجهتي تي هندستاني ظلمن کي اجاگر ??رڻ جي لاءِ تصويري نمائش جو اهتمام ڪندو ??هي.