اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر جي گهروار??ءَ بيگم ثمينه ??ار?? علوي چيو آهي ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، معاشري جي سمورن طبقن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آءِ) ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي وڪ??لت ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستاني عورتون مختلف شعبن ۽ پيشن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائي رهيو?? آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ عورتن وڏي جدوجهد کانپوءِ ڪامياب مقام حاصل ڪيو آهي، عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيو?? آهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيو?? آهن. بيگم ثمينه ??ار?? علوي چيو ته حڪومت عورتن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، هن پنهنجي گهرن تي ئي ٻارن ۾ عورتن جي احترام جي قدرن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو ته جيئن هڪ مهذب معاشري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي.