لاهور – 10 – م??رچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فور ٽريس اسٽيڊيم لاهور ۾ نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، عسڪري قيادت، صوبائي وزير ميان محمود الرشيد ۽ سردار حسنين دريشڪ ۽ ٻيا به موجود هئا. اهو ٽن ڏينهن جو ميگا ايونٽ 12 م??رچ تائين جاري رهندو. اهو شو سڀ کا?? اهم سماجي ۽ ثقافتي پروگرام آهي ۽ پنجاب کي آغاز کا?? ئي ان جي ميزباني جو اعزاز حاصل رهيو آهي. اها تقريب معاشري جي مختلف طبقن ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن سميت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ قومي اتحاد، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو شاندار اظهار آهي. 6 سالن کا??پوءِ منعقد ٿيندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۽ ان جي بحالي پنجاب حڪومت جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، راندين، صنعتن، دستڪاري ۽ ثقافت وغيره کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن ۾ شامل آهي، نيشنل هارس اينڊ ڪيٽل شو 2022ع جي اهم پروگرامن ۾ گهوڙن ۽ اٺن جو رقص، ٽينٽ پيگنگ، جانورن جا مقابلا، گهوڙي سواري، جمپنگ، ملٽري پوليس پاران موٽرسائيڪل تي ايڪرو بيٽڪ اسٽنٽ، گري هائونڊز ريس، ڇٽي بردارن جو فري فال، جانورن جي ن??ائش ۽ صوبائي رانديگرن جو م??رچ پاسٽ به ان ايونٽ جو حصو آهي، پنجاب جي وڏو وزير صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ن??شنل هارس اينڊ ڪيٽل شو جو سووينئر پيش ڪيو، ان کا??پوءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ۾ انعام به ورهايا ويا، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته صوبائي حڪومت کي ان ميگا ايونٽ جي انعقاد ۾ پاڪ فوج جو تعاون به حاصل آهي.