اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سن??راڻي سان جاپان جي سفير متسو هيرو واڊا پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، سينيٽ سيڪري??ري?? موجب ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ??ه ايشيا ۾ هڪ انتهائي اهم ملڪ جي طور تي پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام وڏي اهميت ڏي ٿو. جاپان هڪ مستحڪم معاشي ملڪ آهي ۽ اسان جاپان جي بهتر معاشي ماڊل جي تقليد ڪرڻ جا خواهشمند آهيون، سينيٽ چيئرمين ڪووڊ – 19 کي منهن ڏيڻ لاءِ جاپان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، سينيٽ چيئرمين ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. سينيٽ چيئرمين ۽ جاپاني سفير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي ت??اون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو