ڪراچي – 29 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بئنڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي رقم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، بئنڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن، بئنڪون صارفين جي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ??ارفين کي بئنڪنگ جي طريقيڪار بابت آگاهي ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آ?? پاڪستان جي گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، نيشنل بئنڪ آ?? پاڪستان، يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ، مسلم ڪمرشل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ لميٽيد، فيصل بئنڪ لميٽيد، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، سونهري بئنڪ لميٽيڊ، خيبر بئنڪ لميٽيڊ، دبئي بئنڪ اسلامي، ميزان اسلامڪ بئنڪ ۽ بئنڪ آ?? پنجاب جي سربراهن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ ٿيندڙ تبديلين، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سائبر ڪرائيسز جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ صدر کي بئنڪنگ سيڪٽر جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت وڌائڻ جي لاءِ پاليسي ۽ بنيادي سڌارن بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ عورتن سان گڏوگڏ ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي مالي شموليت کي يقيني بڻائڻ بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ??ڌايو ويو ته بئنڪن صارفين جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪرڻ جيل اءِ پنهنجي نظام کي بهتر ڪيو آهي. روايتي بئنڪنگ سسٽم جي مق??بل?? ۾ ڊيجيٽل بئنڪنگ ۾ شڪايتن جو انگ گهٽ آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران ??وبائيل بئنڪنگ ۾ گذر??ل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. انهي عرصي ۾ انٽرنيٽ بئنڪنگ ۾ 31 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو. ان ??وقعي تي پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شهزاد پنهنجي اداري جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ 2021ع پڻ پيش ڪئي. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪون سڄي دنيا ۾ وڌندڙ سائبر ڏوهن جي ڏس ۾ کاتيدارن جي رقم ۽ ذاتي ڊيٽا جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، دير، غيرضروري قانوني ڪيسن، وقت ۽ پئسي جي زيان کان بچڻ لاءِ ??ئنڪ صارفين جي شڪايتن کي سنجيدگي سان ??رتو وڃي. هن چيو ته بئنڪون صارفين جي پئسن جون امانتدار آهن بئنڪون صارفين جي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، اليڪٽرانڪ فراڊ کان صارفين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ??ارفين کي بئنڪنگ جي طريقيڪار بابت آگاهي ڏني وڃي. صدر چيو ته بئنڪنگ محتسب، بئنڪنگ ڪورٽس ۽ ايوان صدر تي ڪيسز جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ??ئنڪون شڪايتون پاڻ حل ڪن، بئنڪون صارفين جي مفادن کي موثر طريقي سان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??ندروني ڪنٽرول جي نظام کي مضبوط ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بئنڪون اليڪٽرانڪ فراڊ ۽ سائبر ڪرائيمز کي روڪڻ جي لاءِ وفاقي جاچ ايجنسي جي سائبر ڪرائيم سيل ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪن. صدر عورتن جي مالي شموليت جي لاءِ ??ئنڪن جي قدمن کي ساراهيو.