اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 8 مارچ تي سب?? ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 مارچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي و??رثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن جي عظيم ??رب??ني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي سندس وارثن سان همدري جو اظهار ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ۽ انهن جي خاندانن کي و??ن خاط?? جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عبداللطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي عبدالجمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پوئينرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، صدر 21 مارچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيندڙن جي پوئينرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي ڪامران ??ان?? نائب صوبيدار اشتياق احمد جي و??رثن سان به ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي به دعا ڪئي.