اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ٽيلي فون تي رابطو ڪيو، ڪراچي يونيورسٽي ۾ وين ڌماڪي بابت معلومات حاصل ڪئي ۽ ٻن عورتن سميت چيني شهرين ۽ ڊرائيور جي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بابت شروعاتي تفصيلن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، وزيراعظم زخمين کي علاج جون بهترين سهولتونف راهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، سنڌ جي وڏي وزير وزيراعظم کي خا??ري ڪرائي ته دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلڻ ۾ هر طرح سان توهان جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪ??تا?? جا دشمن ??هن، اتحاد ۽ اجتماعي ڪوششن سان انهن کي ختم ڪنداسين.