مدينه منوره – 28 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي مدينه منوره پهچي ويو. مديني جي گورنر فيصل بن سل??ان السعود اعليٰ سعودي عملدارن سان گڏ هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خ??اج?? محمد آصف، چوڌري سالڪ حسين، ??اڪ??ر خالد مقبول صديقي، محسن داوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهرين غير ملڪي دورو آهي، دوري دور??ن وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سل??ان بن عبدالعزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ ک??ن وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حُوالي سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم روضه ﷺ تي حاضري ڏيندو ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪندو. ان موقعي تي ٻئي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گڏيل اعتم??د ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.