??سل??م آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏيه?? وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر به پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي، پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيه?? وزير ۽ مملڪت?? وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيه?? وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثرن سان گڏوگڏ ڪورونا وبا، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري سالياني اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصبن سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سال سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نمائندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄي دنيا کان نوجوانن ??ي نمائندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.