اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف ٽن ڏين??ن جي سرڪاري دو??ي تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شه??از شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دو??و آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به ترڪي پهچندو، دو??و 31 مئي کان 2 جون 2022ع دو??ان وزيراعظم شه??از شريف جي صدر رجب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻ??رف?? لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دو??ي دو??ان صدر اردوان ۽ وزيراعظم شه??از شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غير معمولي ٻ??رف?? لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو ويو آهي، ترڪي جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وزير به دو??ي دو??ان وزيراعظم سان ملاقات ڪندا، وزيراعظم ترڪي جي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪي جي ڪاروباري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، وزيراعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جن??ن جو اهتمام ترڪي جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو ويو آهي، وزيراعظم انهن تقريبن جي دو??ان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻ??ن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.