اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انهن جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ??هترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراسان?? کان محفوظ رکڻ جي ??اء?? هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي مينڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پو??يواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي محتسب کي خاص طور تي ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي محتسب کي مشورو ڏنو ته هو عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي لاءِ ??ديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽولز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهير جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ج?? کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي ??اء?? محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي محتسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي ??اء?? لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.