اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي ناموس رسالت ?? جي معاملي تي سومر ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسپيڪر آفيس پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر س??مر ت?? قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هڪ ڪلاڪ مختص ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ بي جي پي اڳواڻن جي غير س??جيده بيانن جي مذمت ڪئي ويندي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر مخالف ڌر کي به اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي ?? چيو آهي ته اهو معاملو سياسي، پارٽي يا انفرادي نوعيت ??و نه آهي پر اسان جي ايمان جو معاملو آهي، ايوان سومر تي بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪندو جنهن ۾ بي جي پي اڳواڻن جي غيرسنجيده بيانن جي مذمت تي ٻڌل قرارداد به منظوري ڪئي ويندي.