اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان تي فرد جرم آهي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان تي فرد جرم آهي ته هن ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو ۽ غيرقانوني غيرملڪي فنڊنگ وصول ڪري پاڪستان جي آئين جي خل??ف ورزي ڪئي. هن چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙو ترين شخص ثابت ٿيو ??هي. قوم کي غيرملڪي فنڊنگ جي سياسي اثرن تي غور ڪرڻ گهرجي.