اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير عابد حسين ڀيو چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي پرامن ماڻهن ??ي ڀارتي ظ??م برداشت ڪندي 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن ??يو ته ڀارتي فوج اسان ڪشميري ڀائرن ڀينرن جو استحصال ڪري رهي آهي. نجڪاري واري وزارت پاران جاري بيان ۾ عابد حسين ڀيو چيو ته ڀارت 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪرڻ چاهي ٿو. نجڪاري واري وزير چيو ته ڀارتي ڏاڍ جي ڪري ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ??ور?? دنيا سان رابطو ڪٽجي چڪو آهي. هن ??يو ته سمورا پاڪستاني ۽ حڪومتي نمائندا ڀارتي ظ??م جي خلاف هر سطح تي آواز اٿاريندا رهندا. نجڪاري واري وزير چيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيمون ڀارتي غيرقانوني قبضو ختم ڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي اڳتي اچن.