اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪ??تان جي ترقي ۾ اقليتن جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪو??ت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. 11 آگسٽ 2022ع تي اقليتن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 11 آگسٽ کي ??اڪ??تان ۾ اقليتن جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو ته جيئن ??اڪ??تان جي ترقي ۾ اسان جي اقليتن جي اڻٿڪ حصيداري جو اعتراف ڪيو وڃي ۽ قوم جي حيثيت سان انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ اسان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو وڃي. هن چيو ته هي ڏينهن اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 1948ع ۾ ڪيل ان واعدي جي ياد ڏياري ٿو ته هن عظيم قوم جي هر ماڻهو کي ان جي مذهب، عقيدي کان مٿانهون ٿي برابر حق ۽ آزادي حاصل هوندي. اهو ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته ??اڪ??تان ۾ اقليتون زندگي جي هر شعبي ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ ??اڪ??تان ۾ انهن جي پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ جي حق جو تحفظ ڪيو آهي، انهن جا حق اسان جي آئين ۾ موجود آهن، اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ تي به زور ڏنو آهي. صدر چيو ته ??اڪ??تان جي حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي سهولت لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي. وفاق?? ۽ ??وبائي اسيمبلين ۾ انهن جي نمائندگي آهي، ان کانسواءِ انهن کي سڀني سرڪاري خدمتن ۾ نوڪرين جي ڪوٽا به مخصوص ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح ملڪ جي خدمت جو تعين ڪري ٿي ته هو پنهنجي پاليسين تي سماج?? ۽ ??قتصادي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۽ قوم جي سڀني برادرين جي لاءِ برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي تقويت ڏي. صدر خاص طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن ۾ اقليتن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ??اڪ??تان بنيادي حقن ۽ پاليسي جي اصولن ذريعي آئين ۾ ڏنل پنهنجي ذميوارين تي قائم آهي. هن چيو ته حقيقت ۾ ??اڪ??تان ۾ اقليتون اسان جي سماجي ۽ قومي ڍانچي جو هڪ مضبوط حصو آهن ۽ ان ڏينهن ۾ سڀني اقليتي برادرين کي يقين ڏياريان ٿو ته حڪو??ت انهن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ سڀئي ڪوششون ڪندي. صدر چيو ته مضبوط ۽ خوشحال ??اڪ??تان جي لاءِ پاڻ ۾ محبت، ڀائيچار?? ۽ ??تحاد جي جذبي کي فروغ ڏيڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.