اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪه بر??انيا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ بر??انوي هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو. هن بر??انوي هاءِ ڪميشن ۾ تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر لکيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان جي عوام پاران شاهي خاندان ۽ بر??انيا جي ماڻه?? سان ڏکويل دل سان ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو، ان جو لاڏاڻو 7 ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ دور جي خاتمي جي علامت آهي. هن چيو ته ملڪه بر??انيا بر??انوي عوام ۽ دولت مشترڪه جي لاءِ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون، ملڪه بر??انيا جي زندگي عوامي خدمت جي لاءِ وقف هئي، هن پنهنجا فرض وقار سان ادا ڪيا. صدر چيو ته آئون 12 سال جي ٻار جي حيثيت سان ان جي پاڪستان جي دوري کي سدائين ياد رکندس، ملڪه ايلزبيٿ ٻه شائستگي، توازن ۽ وقار جي علامت هئي. بعد ۾ صدر بطانوي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آنجهاني ملڪه بي مثال وقار ۽ شائستگي رکندڙ عورت هئي، آنجهاني ملڪه جي خيراتي ادارن جي سرپرستي، دنيا ۾ امن جي فروغ جي لاءِ ڪوششون غيرمعمولي هيون. بر??انوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر چيو ته آنجهاني ملڪه پنهنجي دل ۾ پاڪستان جي لاءِ هڪ خاص مقام رکندي هئي، ملڪه ايلزبيٿ ٻه پنهنجي آخري پيغام ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيل?? سان يڪجهتي جو اظهار ??يو هو.