اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي مزدور، آبادگار ۽ پگهاردار طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم کڻنداسين، اسان ملڪ کي معاشي مشڪلاتن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي استحڪام طرف گامزن ڪيو ۽ پنهنجي سي??ست کي قربان ڪري معيشت کي بچا??و، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، ڀائر ملڪن ۽ سيڙپڪارن جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۽ وڌندڙ پرڏيهي سيڙپڪاري حڪومتي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي بجيٽ جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم ??يو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي استحڪام طرف گامزن ڪ??و، تاريخ گواهه آهي ته اسان پنهنجي سي??ست کي قربان ڪري پاڪستان جي معيشت کي بچا??و، الله رب العزت جي مدد ۽ ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ اسان هن ملڪ کي ڏيوالپڻي ٿيڻ کان بچايو ۽ هن ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن جون سازشون اڌوريون رهجي ويون. هن چيو ته سازشي ٽولي هن ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، هن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي بي حرمتي ڪئي. وزيراعظم ??يو ته هو سالن کان عملي سي??ست ۾ آهي پر اهڙي انتشار سان ڀرپور سي??ست پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي. وزيراعظم ??يو ته الله رب العزت مون کي ٻيو ڀيرو خادم پاڪستان جي ذميواري ڏني ته قوم جي مشڪلاتن جي ازالي جو وچن ڪ??و، مون کي اميد آهي ته منهنجي ڪوششون ۽ محنت توهان سڀني ۽ عوام جي اميدن تي پوريون لهي رهيون هونديون. وزيراعظم ??يو ته ڀائر ملڪن ۽ سيڙپڪارن جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ غيرملڪي سيڙپڪاري حڪومتي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. هن چيو ته بجيٽ ۾ جيتري قدر ٿي سگه??و، عام ماڻهو کي ريليف ڏينداسين. وزيراعظم ??يو ته هن ملڪ جي مزدور، آبادگار ۽ پگهاردار طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم اتحادي پارٽين ۽ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن پاران اعتماد جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت جي پاليسين جي عام ماڻهو ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڀرپور حمايت تي انهن جو دل سان ٿورائتو آهيان. وزيراعظم پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي تاڪيد ڪئي ته اهي بجيٽ اجلاس ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪن، بجيٽ جي حوالي سان ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جو موثر ۽ مدلل جواب ڏين. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، قوم کي بنيادي صحت، اعليٰ تعليم ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. هن چيو ته هن ملڪ جي باصلاحيت افرادي قوت کي روزگار جي فراهمي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن جي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ انهن کي باعزت روزگار جي فراهمي جي لاءِ محنت ڪرڻي آهي. وزيراعظم ??يو ته هو سڄي دنيا ۾ جتي به ويو قرض بدران سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي پر سيڙپڪاري اتي ئي ايندي آهي جتي امن ۽ سياسي استحڪام هجي. وزيراعظم ??يو ته باوقار قومون محنت، لگن ۽ حوصلي سان پنهنجي تقدير بدلائينديون آهن، چين ۽ ب??قي ترقي يافته ملڪن کان سکندي اسان کي پاڪستان جي معروضي حالتن جي ڏس ۾ پنهنجو شاندار مستقبل پاڻ ٺاهڻو آهي. وزيراعظم ??يو ته اسان جي ٽيم جي ڪوششن جي ڪري مهانگائي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم ٿ??و، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وف??قي وزير محمد اورنگزيب ميمبرن کي بجيٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم پاران تيار ڪيل بجيٽ تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ وف??قي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي.