اسلام آباد-11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پاڪستان انسٽيٽ??وٽ فار پارليامينٽري سروسز (پيپس) جي بورڊ آف گورنرز جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ اداري جي مالي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سا?? خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پيپس جي قيام جو مقصد پارليامينٽ کي قانوني ۽ فني معاملن ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. موثر عوامي قانونسازي جو ملڪي ترجيحن ۽ ترقي سا?? گهرو تعلق آهي. قومي ۽ صوبائي قانونساز ادارن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ نهايت اهميت وارو آهي. شفافيت کي برقرار رکڻ ۽ پرفارمنس کي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو ٿرڊ پارٽي ??نانشل ۽ پرفارمنس آڊٽ ڪرايو و??ندو. اسپيڪر چيو ته اجلاس ۾ آزاد ڄمون ڪشمير اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپڪرز کي به گورننگ بورڊ جو مستقل ميمبر بڻائڻ جي حوالي سا?? به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه، بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالخالق خان، خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، آزاد ڄمون ڪشمير جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جي اسپيڪر نذير احمد کانسواءِ پارليامينٽ جي ميمبرن مولانا عبدالغفور حيدري، بلال اظهر ڪياني، و??يه قمر، خورشيد احمد جوڻيجو، مهتاب اڪبر راشدي، زرتاج گل ۽ سيد امين الحق شرڪت ڪئي.